پنج تن

پنج تن: ”پنجتن“ مان مراد حضرت محمد صلي الله عليه وسلم، حضرت علي عليه السلام، حضرت بيبي فاطمة الزهريٰ سلام الله عليها، حضرت امام حسن عليه السلام ۽ حضرت امام حسين عليه السلام جا پنج پاڪ نالا آهن. مسلمان مختلف حاجتن ۽ دعائن ۾ پنجتن پاڪ جي وسيلي سان الله جي درگاهه ۾ دعا گهرندا آهن. اسلامي ڪتابن ۾ اچي ٿو ته جڏهن حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم کي الله تعاليٰ طرفان پاڪ چادر ۾ اچڻ جو حڪم ٿيو ته ان چادر ۾ حضور صلعم کان پوءِ ترتيبوار حضرت عليعه، حضرت امام حسن عه ، حضرت امام حسين عه ۽ بيبي فاطمه عه داخل ٿيا. جڏهن هي پنجئي هڪ چادر ۾ گڏ ٿيا، ته حضرت جبرئيل پنجن ئي هستين جي شان ۾ الله پاڪ جي آية پاڪ ”اِنَّمَايُرِيۡدُ اللُه لِيُذۡهِبَّ عَنۡڪُمُ الرِّجۡسَ اَهَلَ الۡبَيۡتِ وَيُطَهّرڪُمۡ تَطۡهِيۡرَا“ پڙهي ٻڌائي. اسلامي تاريخ ۾ پنجتن پاڪ جو وسيلو اتان ئي قائم ٿيل بيان ڪيو ويو آهي. ان کان پوءِ جڏهن عيسائين حضرت محمد صلعم سان مناظرو ڪيو ته پاڻ سڳورا صه پاڻ سان گڏ حضرت عليعه ، بيبي سيده فاطمهعه ، حضرت امام حسنعه ۽ حضرت امام حسين عه کي وٺي ويا، جنهن ۾ اسلام کي فتح حاصل ٿي. حضرت محمد مصطفيٰ صه جن جي مشهور حديث ”حديثِ ڪساء“، جنهن جا راوِي، بيبي فاطمهعه ۽ مشهور اصحابي حضرت جابر بن عبدالله رضه آهن، تنهن ۾ پنجن تنن جو ذڪر ڪيل آهي.


لفظ پنج تنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو